انوارخلاف رٿ ڪامياب، راٺوڙ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم منتخب

انوارخلاف رٿ ڪامياب، راٺوڙ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم منتخب

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق خلاف عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿي وئي، جنهن کان پوءِ راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي نئون وزيراعظم چونڊيو ويو.اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم چوڌري انوارالحق خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي وئي. هي عدم اعتماد جي رٿ سردار جاويد ايوب، چوڌري قاسم مجيد ۽ ٻين پيش ڪئي.عدم اعتماد جي رٿ ۾ فيصل ممتاز راٺوڙ جو نالو متبادل ليڊر آف هائوس طور پيش ڪيو ويو.راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي 36 ووٽ مليا، مخالفت ۾ 2 ووٽ ڏنا ويا، جنهن کان پوءِ فيصل ممتاز کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم چونڊيو ويو.ان کان اڳ ايوان ۾ پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ شخص آئين ۽ انتظامي ڍانچي جي تباهي جو ذميوار هجي، ڇا سندس ڪابينا جا ميمبر ان جا ذميوار نه هجن؟ تحريڪ جي ڪاميابي کان پوءِ، وزيراعظم ممتاز راٺوڙ جي سڀاڻي حلف کڻڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، بيماري جي ڪري، آزاد ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان محمود نئين وزيراعظم کي حلف نه کڻائيندو. آزاد ڪشمير اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر نئين وزيراعظم کي حلف کڻائيندو.

گهربل تعداد ۽ نئون اميدوار

پيپلز پارٽي ڪشمير جي جنرل سيڪريٽري راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي وزارتِ عظميٰ لاءِ ڪامياب ڪرائڻ جي مڪمل تياري ڪئي آهي. آچر ڏينهن، پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن ــ جيڪي مبينا طور فارورڊ بَلاڪ سان تعلق رکن ٿا ــ ابتدائي تعليم واري وزير ديوان علي چغتائي ۽ ننڍين صنعتن واري وزير تقديس ڪوثر گيلاني ــ فريال ٽالپور سان ملاقات کان پوءِ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن سان پي پي پي جي ميمبرن جو انگ وڌي 29 ٿي ويو آهي. گذريل مهيني، پي ٽي آءِ جي فارورڊ بلاڪ جي 10 ميمبرن جي شموليت کان پوءِ پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ۾ انگ 27 ٿي ويو هو. AJK قانون ساز اسيمبلي ۾ ڪل 52 ميمبر آهن، ۽ سادي اڪثريت لاءِ 27 ميمبرن جي حمايت ضروري آهي. AJK جي آئين مطابق، وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي ووٽ کي پاڻمرادو انهيءَ رٿ ۾ تجويز ڪيل جانشين جي حق ۾ ووٽ سمجهيو ويندو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ نئون وزيراعظم چونڊجي ويندو ــ جيڪو 2021 کان وٺي هن ويٺل اسيمبلي جو چوٿون وزيراعظم هوندو.

وزيراعظم بدلجڻ جي تاريخ

موجوده اسيمبلي جي مُدت جا تقريباً ڇهه مهينا باقي آهن. جيڪڏهن راٺوڙ وزيراعظم چونڊيو ويو ته هن اسيمبلي جي چار سالن ۾ اهو چوٿون وزيراعظم هوندو. آگسٽ 2021 ۾، پي ٽي آءِ عمران خان جي نامزدگي بعد عبدالقيوم نيازي کي وزيراعظم چونڊيو، جنهن 53 سيٽن واري ايون ۾ لطيف اڪبر خلاف 35 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته لطيف اڪبر کي صرف 15 ووٽ مليا. نَو مهينن بعد، نيازي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ سندس جاءِ تي پي ٽي آءِ جي علائقائي صدر سردار تنوير الياس کي مقرر ڪيو ويو. اپريل 2023 ۾، تنوير کي AJK هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ طرفان توهينِ عدالت تي اسيمبلي جي رڪنيت کان نااهل قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ انور الحق وزيراعظم بڻيو. جنهن ڪجهه هفتا اڳ ڪشمير ۾ پرتشدد مظاهرين تي گولي هلائڻ جو حڪم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي اسٽيبلشمينٽ کائنس ناراض هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو