ڪشمور ۾ پنجاب واسي مغوي جو ٻوري بند لاش هٿ

ڪشمور ۾ پنجاب واسي مغوي جو ٻوري بند لاش هٿ

ڪشمور(ن س) ڪشمور شهر کان ڪجهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اسرار دم دما وٽ هڪ مغوي جو لاش ٻوري ۾ بند حالت ۾ مليو آهي، ذريعن موجب مقتول کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچي جي ڏوهارين پاران اغوا ڪيو ويو هو جن ڀنگ جي رقم ادا نه ٿيڻ تي مغوي کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو، مغوي جي سڃاڻپ پنجاب جي علائقي گجرانوالا سان تعلق رکندڙ بشير احمد ولد اورنگزيب طور ٿي آهي، واقعي جي اطلاع ملڻ تي گيھل پور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو