ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت ملڪي معيشت کي بدحال ڪري ڇڏيو:عمران خان

ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت ملڪي معيشت کي بدحال ڪري ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان لکيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت بدانتظامي ذريعي ملڪي معيشت کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي ۽ پگهاردار ۽ غريب عوام کي دٻائي ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين وڌيڪ لکيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 35 رپيا 35 پئسا في ليٽر اضافو ٿي ويو آهي ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت 262 رپيا 60 پئسا تي پهچي وئي آهي. عمران خان ٽوئيٽر تي لکيو ته 200 ارب جي مني بجيٽ ۾ 35 سيڪڙو مهانگائي جو امڪان آهي، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو به امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو