ڪرنل انيل لاءِ آرمي چيف پاران قيمتي تحفو

ڪرنل انيل لاءِ آرمي چيف پاران قيمتي تحفو

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) 25 فيبروري 2022ع تي پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پاڪستان آرمي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عھدي تي ترقي ماڻيندڙ ھندو ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ٽنڊوباگو شھر جي رھواسي انيل ڪمار ولد تلسي داس لوھاڻه کي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پاران ليپ ٽاپ تحفي طور ڏنو ويو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه مبارڪباد جو خط جاري ڪندي اظھار ڪيو آھي ته مون کي خوشي ٿي آهي ته توهان ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي پروموشن جا مستحق آهيو، اهو واقعي هڪ منفرد اعزاز آهي، جنهن ۾ توهان پنهنجي پيشه ورانه محنت ۽ لگن جي ڪري پاڪ فوج ۾ اھو اعزاز ماڻيو آھي، مون کي يقين آهي ته توهان قوم جي خدمت اهڙي ئي جوش ۽ جذبي سان جاري رکندا. مھرباني ڪري پنھنجي خاندان کي ھن وڏي فخر ۽ عظيم ڪاميابيءَ جي موقعي تي منھنجي طرفان مبارڪباد ڏيندا. ليفٽيننٽ ڪرنل انيل ڪمار رابطي ڪرڻ تي چيو ته منهنجي پروموشن تي هڪ قيمتي تحفي (ليپ ٽاپ) سان گڏ “چيف آف آرمي اسٽاف” جو مبارڪي خط حاصل ڪرڻ منھنجي لاء ھڪ وڏو اعزاز آھي، جنھن تي مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو