ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس

ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس

گهوٽڪي / اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو ڏهين محرم الحرام جو جلوس قديمي جلوس مرحوم سيد اسرار حسين شاھ جي حويلي کان بعد عزان علي اڪبر فورن بر آمد ٿيو جيڪو چوڪماڙي جي علائقي ڳوٺ قادر بخش رند۔ ڳوٺ بلاول خان رند۔ڳوٺ ميرخان رند۔ ڳوٺ يوسف رند ۔ڳوٺ غلام حيدر رند۔ ڳوٺ چوڪماڙي ڳوٺ قالو رند ۽ ڳوٺ خميسو چاچڙ ڳوٺ آچر رند ڳوٺ ماڙي ۔ڳوٺ جلال رند سميت ننڍا جلوس شامل ٿي جيڪا چوڪماڙي کان گڏجي اوٻاوڙو پنهنجي ريوائتي رستن ڏانهن گامزن ٿيو ۔ اگر ڳالھ ڪجي سيڪيورٽي جي ته سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي جتي اسپيشل فورس پوليس جي وڏي نفري ۽ رينجرز جا جوان به هائي الرٽ ٿيل آهن۔ جتي ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ گاڏين کان چيڪنگ ڪئي پئي وڃي۔ جلوس جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ مير امتياز حسين رند زوار شوڪت حسين رند ۽ ٻين سان پوليس آفيسر ڊي ايس پي اوٻاوڙو۔ ۽ايس ايس پي حافظ عبدالقادر چاچڙ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيده عيشه زهره اوٻاوڙو به بار بار رابطي ۾ آهن ڪنهن به حادثاتي معاملي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء آفيسر جلوس سان گڏ موجود آهن ۔جلوس شهر الحسيني امام بارگاھ وٽ پهچي حاضري ڏيندو ۽ ان کان بعد پنهنجي ريوائتي پڙن تي حاضري ڀرڻ بعد شام ۔جو شام غريبان ٻڌڻ بعد پنهنجي پنهنجي رستن ڏانهن روان دوان ٿي ويندو،ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراڻي ۽ ايس ايس پي محمد انور کيتران محرم الحرام جي سلسلي ۾ ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هنن ميرپور ماٿيلو ۽ اوٻاوڙو ۾ جلوسن توڙي مجلسن جي حوالي سان ڪيل سيڪيورٽي ۽ انتظامي بندوبستن جو تفصيلي جائزو ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ڪنراڻي چيو ته محرم الحرام دوران ريسڪيو 1122 ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف مڪمل طور الرٽ آهي، جڏهن ته سڀني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ميونسپل ڪميٽين جو عملو پنهنجي ذميوارين تي موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال مڪمل طور اطمينان بخش آهي ۽ هن وقت تائين ڪنهن به قسم جي ناخوشگوار واقعي يا شڪايت جي ڪا به اطلاع ناهي ملي. ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران جو چوڻ هو ته محرم الحرام جي جلوسن لاءِ سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي جي سمورن پوليس اهلڪارن جون موڪلون معطل ڪيون ويون آهن ۽ مختلف هنڌن تي 3 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽين تي مقرر ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙ عزادارن کي ڪنهن به هنڌ ڪا به تڪليف يا پريشاني پيش نه اچي.

روهڙي: ڏهين محرم جي ماتمي جلوس دوران وڌيڪ هڪ عزادار فوت، فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو

روهڙي روھڙي ڏهين محرم الحرام جي ماتمي جلوس دوران شديد گرمي ۽ عزادارن جي وڏي پيھ سبب وڌيڪ هڪ عزادار فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو مجموعي انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي. فوت ٿيل عزادار جي سڃاڻپ پيرسن ڪاڪو شيخ طور ٿي آهي، جيڪو روهڙي جي علائقي اڇيو قبين جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. فوتي کي تعلقا اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن شمعِ گل ماتمي جلوس دوران به زيارت ۽ ڪربلا مولا کي ڪلهو ڏيڻ دوران شديد پيھ ۽ گرمي سبب 06 عزادار فوت ٿي ويا هئا. روهڙي انتظاميا موجب محرم الحرام جي مرڪزي ماتمي جلوسن دوران مجموعي طور 600 عزادار بيهوش ۽ زخمي ٿيا، جڏهن ته 15 عزادارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي تعلقا اسپتال مان طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

روهڙي: ڪربلا مولا نوڍهالا وارو ماتمي تعزيو ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ ساداتن جي قبرستان ۾ نهر ڪيو ويندو، جلوسن جي مقرر وقت کان دير سان پهچڻ جا اطلاع

روھڙي ڏهين محرم الحرام تي سوين سالا تاريخي ڪربلا مولا نوڍهالا وارو ماتمي تعزيو نمازِ ظهرين کانپوءِ ڪربلا ميدان جي پڙ تان روايتي رسمن موجب کنيو ويو، جيڪو پنهنجي قديمي ۽ روايتي رستن تان ٿيندو ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ روهڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ساداتن جي قبرستان ۾ نهر ڪيو ويندو. ذريعن موجب گذريل ڏينهن شمعِ گل ماتمي جلوس دوران ڪربلا مولا مقرر وقت کان دير سان پنهنجي منزل تي پهتو هو، جڏهن ته نوين محرم تي نڪرندڙ تاريخي ضريح اقدس ڪربلا معليٰ جو ماتمي جلوس پڻ لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي دير سان ميدان ڪربلا پهچڻ جا اطلاع مليا هئا. ساڳي ريت اڄ ڏهين محرم الحرام جي مرڪزي ماتمي جلوس بابت به مقرر وقت کان دير سان منزل تي پهچڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن. مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سال ڪربلا مولا جي انتظامن لاءِ نوان ڪربلا مولا جا ڪامي مقرر ڪيا ويا آهن، جن کي روايتي رستن ۽ قديمي رسمن بابت مڪمل ڄاڻ نه هجڻ سبب ڪجھ انتظامي معاملن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ھوڏانهن پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڏهين محرم جي مرڪزي جلوس لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا امن امان ۽ مجموعي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي

روهڙي: ڪربلا مولا سست روي سبب چار ڪلاڪن کانپوءِ ساداتن جي قبرستان ۾ نهر

روھڙي ڏهين محرم الحرام تي تاريخي ڪربلا مولا نوڍهالا وارو ماتمي تعزيو ڪربلا ميدان تان برآمد ٿيڻ کانپوءِ سست روي سبب لڳ ڀڳ چار ڪلاڪن جي سفر بعد روهڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ساداتن جي قبرستان ۾ نهر ڪيو ويو ذريعن موجب ماتمي انتظاميا پاران نوان ڪامي مقرر ڪرڻ سبب روايتي انتظامن ۽ رستن بابت ڪجھ مشڪلاتون پيش آيون، جنهن کي جلوس جي سست رفتاري جو هڪ سبب قرار ڏنو پيو وڃي. البته ان حوالي سان لاڳاپيل انتظاميا جو سرڪاري موقف سامهون اچڻ اڃا باقي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو