ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) قائد جي شهر ۾ 3 ڪلاڪن دوران فائرنگ جي 11 مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا حياتيون ٻاري ويٺا، جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ننڍي عمر جا ٻار به شامل آهن.ذريعن موجب، بنارس علي ڳڙهه چپلي مارڪيٽ ويجهو فائرنگ ۾ 35 سالن جو شڪيل فوت ٿي ويو، اورنگي ٽائون قصبه موڙ تي نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ 32 سالن جو ياسين نالي شخص مارجي ويو، جڏهن ته صفورا سميرا چوڪ ويجهو فائرنگ سبب 45 سالن جو شاهد فوت ٿي ويو. نامعلوم طرف کان ايندڙ گوليون لڳڻ جي واقعن ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿيا، اورنگي ٽائون سيڪٽر ۾ ساڍي 11 وڳي ڌاري گولي لڳڻ سبب 34 سالن جو ياسر زخمي ٿيو، اورنگي ٽائون سيڪٽر 7-اي ۾ 65 سالن جو عبدالله ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 5 سالن جو عرفان زخمي ٿيو. ان کان علاوه، نارٿ ڪراچي رشيد آباد ۾ 35 سالن جي مليار بيبي، سهراب ڳوٺ ۾ 65 سالن جي رحام بيبي، محمود آباد اعظم بستي ۾ 40 سالن جي ارشاد بيبي، شاهه لطيف ۾ 10 سالن جو شوشانت ۽ ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ 17 سالن جي عافيه زخمي ٿي پئي.










