ڪراچي جي ملتان کي 7 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي جي ملتان کي 7 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل 6 جي ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطان وچ ۾ پهريون ميچ ٿيو جنهن ۾ ٽاس کٽي ڪراچي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان واران 196 رنز جو ٽارگٽ سيٽ ڪيو. ابتدا ۾ ئي ملتان وارن جارحانو رويو اختيار ڪيو ۽ شروعاتي 4 اوورز ۾ بنا نقصان جي 49 رنز ٺاهيون. پنجين اوور ۾ اوپنر ڪرس لين 14 بالن تي 32 رنز اسڪور ڪري عماد جو شڪار بڻيو. پاور پلي جي 6 اوورز ۾ 72 رنز اسڪور ڪيون. ٻارهين اوور ۾ ڪپتان رضوان 43 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ونس 45 رنز ٺاهي ائوٽ ٿيو ته رلي روسو به جلد پويلين موٽيو. 148 تي 4 وڪيٽون ڪرڻ بعد صهيب مقصود ۽ خوشدل هٽنگ جاري رکي 173 جي مجموعي اسڪور تي خوشدل 6 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو، آفريدي 5 بالن تي 3 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، آخري اوورز ۾ ڪراچي بهتر پرفارم ڪيو ۽ 200 جو اسڪور ڪرڻ نه ڏنو، ملتان 195 رنز 6 وڪيٽن تي اسڪور ڪري سگهي. جوابي بيٽنگ ڪندي بابراعظم ۽ شرجيل جارحاڻي انداز ۾ شروعات ڪئي  پر شاهنواز ڏاهاڻي شرجيل کي ڪيچ ڪرائي بريڪ ٿرو ڪري ورتو.

ڪراچي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 10 اوورز ۾ 103 رنز اسڪور ڪيون. بابر اعظم جو ساٿ ڏيڻ جو ڪلارڪ آيو، ٻنهي ڀرپور شاٽس کيڏيا.   خوشدل کي لڳاتار ڪلارڪ 2 ڇڪا هنيا ۽ 26 بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي.

عثمان قادر ۽ آفريدي جي به ڌلائي ٿي. ڏاهاڻي ٻئي اسپيل لاءِ آيو ته ڪلارڪ کيس چوڪو هنيو پر ٻئي بال تي ريم شاٽ کيڏندي کيس ڪيچ ڪرايو ۽ ٻئي وڪيٽ حاصل ڪئي. جنهن بعد ڪولن انگرام آيو جنهن ڏاهاڻي کي پهرين بال تي چوڪو هنيو. ڏاهاڻي اوور جا پويان ٽي بال بهتر ڪيا ۽ ٽي سنگل رنز ڏنيون. ڪراچي 15 اوورز م ٻن وڪيٽن تي 160 اسڪور ڪيو. سورهين اوور ۾ سهيل خان جي بال تي انگرام جو ڪيچ شاهنواز ڏاهاڻي پڪڙيو. جنهن بعد محمد نبي آيو جنهن سهيل خان جو هڪ بال مس ڪري ٻئي تي چوڪو هنيو. 19هون اوور سهيل خان ڪرايو جنهن ۾ فل ٽاس بال تي بابر اعظم ڇڪو هنيس ۽ پوين ٻنهي بالن تي لڳاتار ٻه چوڪا هڻي ميچ کٽي ورتي. بابر اعظم 60 بالن تي 90 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ ڪراچي 7 وڪيٽن تان ملتان کي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ شڪست ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو