ڪراچي ۾ گڏيل ڪارروائي، انتهائي گهربل جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ گڏيل ڪارروائي، انتهائي گهربل جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايس آءِ يو پوليس ۽ حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي انتهائي گهربل بينڪ ڦورو کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب، گرفتار جوابدار عبدالحسن جي مٿي جي قيمت (انعام) 10 لک رپيا مقرر هئي، جوابدار بينڪ ڊاڪائي جي 3 ڪيسن ۾ گهربل هو، اشتهاري جوابدار کي سهراب ڳوٺ جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار وٽان نارٿ ناظم آباد بينڪ ڊاڪائي ڪيس ۾ ڦر ٿيل ريپيٽر (بندوق) به هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو