ڪراچي ۾ ڪڻڪ نٿي پڄي پر افغانستان پهچي ٿي وڃي

ڪراچي ۾ ڪڻڪ نٿي پڄي پر افغانستان پهچي ٿي وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾ ڪڻڪ موڪلڻ تي پابندي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر فوڊ کي 21 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. فلور ملز ايسو سيئيشن جي درخواست جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ٻڌڻي ڪئي ۽ هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي پوکي ناهي ٿيندي شهر ۾ ڪڻڪ ٻاهران ايندي آهي ان تي پابندي ڪيئن ٿي لڳائي سگهجي. چيف جسٽس چيو ته ڪڻڪ جون ٽرڪون ڪراچي نه ٿيون پھچن پر افغانستان پهچي وڃن ٿيون. چيف جسٽس ان موقعي تي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي، ڪڻڪ ايندي ئي نه ته ظاھر آھي اٽو مھانگو ٿيندو. اسين سڀني واسطيدارن کي گهرايون ٿا، هي ڪو عام ڪيس نه آهي پر سنگين مسئلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو