ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان زخمي

ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪورنگي سنگر چورنگي ويجهو پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا. پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اطهر ۽ عبدالرزاق کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، اهلڪارن کين مشڪوڪ سمجهندي بيهڻ جو اشارو ڪيو هو، پر موٽرسائيڪل سوار نوجوانن رفتار تيز ڪري ڇڏي.اهلڪارن پيڇو ڪري فائرنگ ڪئي، جڏهن ته زخمين جي قبضي مان ڪو به هٿيار هٿ ناهي آيو. ايس ايس پي ڪورنگي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو