ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف جسقپ جو جلوس ۽ احتجاج

ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف جسقپ جو جلوس ۽ احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسقپ جي مرڪزي سڏ تي سموري سنڌ جيان سچل ڳوٺ ۾ به مهنگائي ۽ پاڻي کوٽ ڌاري آبادڪاري, بحريا ٽائون, سنڌ پوليس ۾ افعاني پٺاڻن کي ڀرتي ڪرڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو، مظاھري جي اڳواڻي  جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي, رضا محمد بروهي ايڊووڪيٽ, جاويد ڪولاچي , سرويچ ڀٽو,مختيار گبول, سجاد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صفوران چوڪ کان سچل ڳوٺ چوڪ تائين هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي جلوس ڪڍيو. جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ دودوديشي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مهانگائي جا ذميوار حڪمران خود آهن جن پنهنجي ناقص پاليسين سبب سنڌ جي عوام کي عالمي مالياتي ادارن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، حڪمرانن جي ناجائز پروٽوڪول ۽ شاهي خرچن سبب عوام بک ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، سنڌ ۾ اهي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن جيڪي خود مھانگائي جا ذميوار آهن سنڌ ۾ پي پي حڪومت عوام جي پئسي تي ناجائز ڌاڙو هنيو آهي، سنڌ جي نااهل حڪمرانن ڪرپشن سبب ادارا تباھ ڪري سنڌ جي عوام کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، آء جي سنڌ پي پي جي نامنهاد اڳواڻن تي عوام جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ مان کين ناجائز پروٽوڪول ڏئي عوام جو پيسو  ضايع ڪيو آهي. ٻين اڳواڻن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت عالمي مالياتي ادارن جي ونگارو لڳي پئي آهي، ملڪ جي معشيت عالمي مالياتي ادارن آء ايم ايف، ورلڊ بينڪ وٽ يرغمال بڻيل آهي، ملڪ جون سمورين پاليسيون آء ايم ايف جي ڪنٽرول ۾ ڏئي نيازي سرڪار عوام دشمني ڪئي آهي، تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري ملڪ ۾ ٿيل مهانگائي سبب عوام جيڪو اڳ ئي بک بدحالي جي ور چڙهيل هيو تنهن کان هاڻي هڪ ويلي جي ماني به کسي وئي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي معشيت جو دارو مدار زراعت تي آهي، پنجاب جي حڪمران طبقي پيپلزپارٽي سان ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ جي بي پھچ هارين لاءِ پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي غريب هارين لاءِ پاڻي ڪونهي پر پيپلزپارٽي جا ڀوتار وڏيرا جاگيردار پنهنجون زمينون آباد ڪري سنڌ جي هارين کي وڌيڪ تباهي طرف ڌڪيو آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ملڪ ۾ پيدا ٿيل مهانگائي ختم ڪري تيل، گيس، اٽي، دوائن سميت سمورين روز مره جي شين جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ فورن گهٽائي وڃي، سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ بحريا منصوبو کي رد ڪيو ان سان گڏ اسٽيل مل، تعليم، صحت سميت سمورن عوامي ادارن ۾ ڪرپشن ڪري ادارن کي تباھ ڪري ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري تعليم ۽ صحت سميت عوام کان سموريون بنيادي سھولتون ڦريندڙ ڪرپٽ ڪامورن ۽ حڪمرانن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. سنڌ پوليس ۾ سنڌين کي ڀرتي ڪيو,سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي, ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو