ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو.رينجرز زخمي جوابدار اديب رضا سميت 3 جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.رينجرز زخمي اديب رضا سميت 3 ڌاڙيلن کي زمان ٽائون پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايڇ او زمان ٽائون مزاحمت ڪندي اديب رضا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته باقي 2 ساٿي فرار ٿي ويا.گذريل ڏينهن رينجر زمان ٽائون مان 3 ڌاڙيلن عاصم رضا، اديب رضا ۽ اسد کي هٿيارن ۽ ڦر ٿيل رقم سميت گرفتار ڪيو هو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس رليز جاري ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ٽنهي جوابدارن کي زمان ٽائون پوليس حوالي ڪيو ويو هو. رات دير سان زمان ٽائون پوليس مقابلي ۾ جوابدار اديب رضا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته رينجرز هٿان گرفتار اديب رضا جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن. ايس ايڇ او زمان ٽائون افتخار حسين آرائين کي جعلي پوليس مقابلي بابت موقف وٺڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا فون ڪيو ويو پر سندس طرفان ڪو به جواب نه آيو.










