لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ سان ڳالهائينداسين

لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ سان ڳالهائينداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير قائداعظم شهر ۾ جاري لوڊشيڊنگ تي چيو آهي ته هو جلد ڪراچي اچي اليڪٽرڪ انتظاميه سان ڳالهائيندو.سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير کي ٽيليفون ڪري صوبي ۾ لوڊشيڊنگ سميت توانائي جي بحران کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي خرم دستگير چيو ته 2018ع ۾ زيرو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي، توانائي بحران تي جلد ضابطو آندو ويندو، جلد ڪراچي ايندس ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. وفاقي وزير امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي وفاق کان اضافي بجلي ملڻ باوجود لوڊشيڊنگ سمجھ کان ٻاهر آهي. هن چيو ته جڏهن کان عمران خان اقتدار ۾ آيو آهي ملڪ توانائي جي تاريخي بحران جو شڪار آهي، فرنس آئل جو آرڊر ڏنو ويو جڏهن ته عمران خان پنهنجي دور ۾ بجلي جي قيمت 11 رپيا 25 پئسا في يونٽ وڌائي.

پهنجو تبصرو موڪليو