ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪتاب وڪڻڻ جي بهاني وارداتون ڪندڙ گروهه سرگرم ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب، شاهراهہ قائدين جي الله والا سگنل تي اهڙي ئي هڪ جوابدار بيٺل گاڏي سان ٽڪرائڻ جو بهانو ڪري سائڊ گلاس ٻڌو، شهري ان طرف ڌيان ڏنو ۽ شيلڊ هيٺ ڪري کانئس پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ته سندس ساٿي پٺيان کان گاڏي کي زور زور سان هٿ هڻڻ شروع ڪري ڏنا. شهري جڏهن پٺيان مڙي ڏٺو ته ڪتابن وارو جوابدار شهري کان موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويو. فيروز آباد پوليس موجب، اهڙيون ڪيتريون ئي وارداتون ٿي چڪيون آهن، ڪجهه جوابدار وائر سان گاڏي جي ونڊ اسڪرين گندي ڪري جهڳڙو ڪندا آهن ۽ پوءِ واردات ڪري ويندا آهن.










