ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، 8 زخمين سميت 11 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، 8 زخمين سميت 11 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ دير رات جو پوليس مبينا مقابلن کانپوءِ اٺن زخمين سميت يارهن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته شاهه لطيف پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻئي طرف، فيروز آباد پوليس ۽ شاهين فورس جيل چورنگي ويجهو فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. اقبال مارڪيٽ پوليس سيڪٽر ساڍا يارهن ويجهو مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته بهادر آباد پوليس ٻنهي طرفان فائرنگ کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي حراست ۾ ورتو. جمشيد ڪوارٽر پوليس جو جهانگير روڊ نمبر ٻه ويجهو جوابدارن سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. شاهراهه نورجهان پوليس بلاڪ ڪيو (Q) ڪٽي پهاڙي ويجهو مقابلي کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي اونداهي جو فائدو وٺندي موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. ايف بي انڊسٽريل ايريا پوليس سهراب ڳوٺ فلائي اوور بلاڪ اکويهه ويجهو ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته گرفتار جوابدار جو ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. گرفتار ڪيل سڀني جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، ڦريل سامان ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو