ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ ڪراچي شهر ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باندي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جزوي طور تي ڪڪر ۽ نم رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران شهر ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باندي به ٿي سگهي ٿي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي موجب، هوا ۾ نمي هن وقت 81 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.










