ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي پاران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 27 جولاءِ تائين تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي جي رپورٽ موجب، ڏکڻ-پچاهي راجسٿان ۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي، جنهن جي ڪري عربي سمنڊ مان مون سون جون طاقتور هوائون سنڌ جي ڏکڻ ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 27 جولاءِ تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الھيار، حيدرآباد، سانگهڙ، بينظيرآباد، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، خيرپور ۽ دادو سميت ٻين علائقن ۾ پڻ برسات پئجي سگهي ٿي. تيز برساتن جي ڪري ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو وڏو خطرو آهي، جڏهن ته تکي هوا ۽ آسماني بجليءَ جي ڪري ڪمزور اڏاوتن کي نقصان پهچڻ جو پڻ انديشو آهي. ٻئي پاسي، ڪراچي بابت اڳڪٿي ڪندي چيو ويو آهي ته شهر ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين آسمان گهڻو ڪري اڪابري (ابرآلود) ۽ موسم گرم توڙي گهميل رهڻ جو امڪان آهي. پر، شهر جي مضافاتي علائقن ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته باقي شهر جي ٻين حصن ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا بائندي جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، اڄ ڪراچي جو وڌ ۾ وڌ درجه حرارت 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جيڪو آچر ۽ سومر واري ڏينهن وڌي 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.










