ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس جي نئين روٽ جو اعلان

ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس جي نئين روٽ جو اعلان

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس جي نئين روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته بس جو نئون روٽ 18 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو. هن چيوته بس جو نئون روٽ ميلر ڪينٽ چيڪ پوسٽ 5 کان شروع ٿيندو ۽ بس صفورا چورنگي، موسميات، ڪامران چورنگي ۽ ڊالميا وٽان گذرندي.شرجيل ميمڻ چيو ته بس اسٽيڊيم روڊ ۽ ايم اي جناح روڊ کان ٿيندي نمائش چورنگي تائين پهچندي.

پهنجو تبصرو موڪليو