ڪراچي ۾اڄ گهٽ شدت وارو زلزلي جو 32 هون جهٽڪو

ڪراچي ۾اڄ گهٽ شدت وارو زلزلي جو 32 هون جهٽڪو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ جمعي جي صبح هڪ ڀيرو ٻيهر معمولي نوعيت جا زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، پهرين جون کان هيل تائين شهر ۾ زلزلي جا 32 جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزله پيما مرڪز مطابق، ڪراچي ۾ اڄ صبح 8 وڳي 32 منٽن تي ٻيهر زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي شدت 1.5 هئي. زلزله پيما مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز ملير جي اتر اولهه ۾ 7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ۽ 10 ڪلوميٽر اونهائي ۾ هو. واضح رهي ته ڪراچي جي علائقي ملير ۾ آچر کان زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا پيا وڃن جن جي وڌ ۾ وڌ شدت 3.6 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اڄ زلزلي جو 32هون جهٽڪو محسوس ڪيو ويو آهي. چيف ميٽ مهر صاحبزاد خان ڊان نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته شهر ۾ معمولي نوعيت جا جهٽڪا ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن تائين محسوس ٿي سگهن ٿا، تنهن هوندي به انهن جهٽڪن جي شدت ۾ بتدريج گهٽتائي سان گڏوگڏ صورتحال ۾ بهتري ايندي، شهرين کي ان حوالي سان گهبرائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ياد رهي ته سومر جي رات ڪراچي ۾ زلزلي جي جهٽڪن دوران ملير جيل مان شروعاتي طور 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا هئا، جن مان 78 کان وڌيڪ مفرور قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو، فرار ٿيڻ دوران هڪ قيدي مارجي ويو هو ۽ 2 زخمي ٿي پيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو