ڪراچي: گهرن ۾ چوريون ڪندڙ ماءُ ۽ ڌيءُ گرفتار

ڪراچي: گهرن ۾ چوريون ڪندڙ ماءُ ۽ ڌيءُ گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جٽ لائن مان ماءُ ۽ ڌيءُ کي پوليس چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سندن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن. پوليس موجب، گرفتار عورتن جي قبضي مان 75 لک رپين جي ماليت جا پرائز بانڊ ۽ نقدي برآمد ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ماءُ ۽ ڌيءُ 3 مهينن کان هڪ شهري جي گهر ۾ ڪم ڪري رهيون هيون ۽ هنن مالڪن جي غيرموجودگي ۾ چوري جو وارداتون ڪيون. پوليس موجب گرفتار عورتون ملازمت جي آڙ ۾ موقعو ڏسي گهرن ۾ چوري ڪنديون هيون ۽ فرار ٿي وينديون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو