راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ڪنگز پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 جي 27 هين ميچ ۾ پشاور زلمي کي 23 رنسن سان شڪست ڏئي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾، پشاور زلمي جي ٽيم 238 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنسن تائين محدود رهي. پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم 49 بالن تي 94 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 10 چوڪا ۽ 4 ڇڪا لڳا، پر ٽيم فتح حاصل نه ڪري سگهي.پشاور زلمي لاءِ صائم ايوب 47 ۽ ٽام ڪوهلر 20 رنسن سان نمايان بيٽسمين هئا، جڏهن ته معاذ صداقت 19 ۽ حسين طلعت 12 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.ڪراچي ڪنگز جي عباس آفريدي 2 وڪيٽون، حسن علي ۽ مير حمزه 1-1 وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز پشاور زلمي لاءِ 238 رنسن جو هدف ڏنو، ڊيوڊ وارنر 86 ۽ جيمس ونس 72 رنسون ٺاهيون، ٻنهي رانديگرن ٻئي وڪيٽ لاءِ 162 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي.










