ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو خالد مقبول صديقي جي بيان تي سخت رد عمل سامهون اچي ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ڪهڙي سياسي طاقت هن شهر کي امن جو شهر بنايو ۽ ڪنهن انهي کي ٻوري ۾ بند لاش ڏنا.سنڌ جي سينئر صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي تازي بيان تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير ايم ڪيو ايم جي ماضي جي سياست کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي واضح ڪيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب ۽ سنڌ جي راڄڌاني آهي اها ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي جاگير ناهي.سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست شروع ٿيڻ کان اڳ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو ڪوبه وجود نه هو پر هتي زندگي جي خوشبو هوندي هئي، هن ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته پهرين وارو ڪراچي ڀته خوري، ٻوري بند لاشن ۽ لساني تعصب جهڙي لعنتن کان پاڪ هو، ڪراچي جي عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ڪهڙي سياسي طاقت انهي شهر کي امن ڏنو ۽ ڪنهن انهي کي ٻوري بند لاش تحفي ۾ ڏنا.شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي مخاطب ٿيندي چيو ته شهر جا پراڻا ۽ سنگين مسئلا سياسي نعرن سان حل ناهن ٿيندا پر انهي جي لاءِ خلوص نيت ۽ عملي قدمن جي ضرورت هوندي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هن وقت ڪراچي جي تعمير، ترقي جي لاءِ عملي طور تي ميدان ۾ موجود آهي.صوبائي وزير سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته موجوده حڪومت ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ، روڊن جي نيٽ ورڪ ۽ انفراسٽرڪچر سميت وڏي پيماني تي اربين روپين جا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن زور ڏيندي چيو ته اڄ ڪراچي ۾ جيڪا به مثبت تبديلي ۽ ترقي نظر اچي رهي آهي اها صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ وزن جو نتيجو آهي.










