وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي. نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته موجوده اين ايف سي (NFC) فارمولي تحت صوبن سان حصو ونڊڻ (شيئرنگ) جي ڪري وفاق مالي مسئلن جو شڪار آهي، ۽ صوبن کي اهو حصو ڏيڻ سبب وفاق لاءِ اسٽريٽجڪ منصوبن کي پورو ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ناهيون ڪري رهيا، اسان جي تجويز اها آهي ته هن پروگرام مان فائدو وٺندڙ (بينيفشريز) جنهن به صوبي سان تعلق رکن ٿا، اهو صوبو پاڻ کين فنڊز جي ادائيگي ڪري، ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم تحت غربت ختم ڪرڻ جو پروگرام صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال واضح ڪيو ته ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي.










