ڪراچي: کنڊ جي هول سيل قيمت ۾ وڌيڪ 2 رپيا واڌ

ڪراچي: کنڊ جي هول سيل قيمت ۾ وڌيڪ 2 رپيا واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي جوڙيا بازار ۾ 2 ڏينهن کان کنڊ جي سپلاءِ نه ٿي آهي، جنهن کان پوءِ شهر ۾ کنڊ جي هول سيل قيمت ۾ 2 رپيا وڌيڪ واڌ ٿي وئي آهي. کنڊ جي ٿوڪ قيمت 184 رپيا آهي، جڏهن ته پرچون قيمت 185 رپين کان وڌي 195 رپيا ٿي وئي آهي. ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ کنڊ 200 رپيا في ڪلوگرام تائين وڪرو ٿي رهي آهي.ٻئي طرف، ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي ٿوڪ ۽ پرچون قيمتن ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. شهر ۾ کنڊ ٿوڪ ۾ 183 رپيا في ڪلوگرام ۽ پرچون ۾ 190 رپيا في ڪلوگرام وڪرو ٿي رهي آهي. ڪوئيٽا جي ڪجهه علائقن ۾ کنڊ 200 رپيا في ڪلوگرام تائين وڪرو ٿي رهي آهي. ٿوڪ واپارين جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو