ڪراچي پوليس آفيس اڄ فعال ٿي ويندي، آءِ جي سنڌ

ڪراچي پوليس آفيس اڄ فعال ٿي ويندي، آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي پوليس آفيس اڄ فعال ٿي ويندي.هن چيو ته شاهديون گڏ ڪرڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، ڪي پي او جا اڪثر سيڪشن اڄ کان فعال ٿي ويندا.آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي پوليس آفيس جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي.ان کان اڳ ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو