ڪراچي ٽيسٽ، پاڪستان جي پوري ٽيم 304 رنز تي ڍير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ٽئين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 304 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي انگلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 7 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ شان مسعود اننگز جي شروعات ڪئي پر عبدالله شفيق 8 رنسون ٺاهي ليچ جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته شان مسعود به 30 رنسون ٺاهي مارڪ ووڊ جي بال تي 46 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو. لنچ بريڪ کان اڳ آخري اوور ۾ اظهر علي وڪيٽ جي پويان اولي رابنسن جي هٿان ڪيچ ٿي ويو، هن 45 رنسن جي اننگز کيڏي. سعود شڪيل 23 رنسون ٺاهي ريحان احمد جو شڪار بڻيو، جڏهن ته محمد رضوان 19 رنسون ٺاهي بين اسٽوڪس جي فل ٽاس بال تي روٽ جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، بابر اعظم 78 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو جڏهن ته فهيم اشرف 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. آغا سلمان ۽ نعمان علي انگلش بالرز جي مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر 20 رنسون ٺاهڻ بعد نعمان علي بين اسٽوڪس جو شڪار ٿي ويو. نعمان کانپوءِ آغا سلمان به 56 رنسون ۽ ابرار 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، اهڙي طرح قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 304 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انگلش بالرن طرفان جيڪ ليچ 4، ريحان احمد 2 جڏهن ته رابنسن، مارڪ ووڊ ۽ روٽ هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. انگلش ٽيم طرفان زيچ ڪرولي ۽ بين ڊڪٽٽ اننگز جي شروعات ڪئي پر پهرين ئي اوور ۾ زيچ ڪرولي صفر تي آئوٽ ٿي ويو ۽ ابرار جي هٿان آئوٽ ٿي ويو. پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي انگلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 7 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ اڃا تائين 297 رنسن جو خسارو آهي. بين ڊڪٽ 4 ۽ اولي پوپ 3 وڪيٽ تي موجود آهن. پاڪستان طرفان ابرار احمد وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو هو ته محمد وسيم جونيئر ڪراچي ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه اظهر علي، نعمان علي ۽ شان مسعود کي به پائلنگ اليون جو حصو بڻايو ويو آهي. امام الحق، محمد علي، زاهد محمود ۽ محمد نواز کي ٽئين ٽيسٽ لاءِ آرام ڏنو ويو آهي. انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس جو چوڻ آهي ته اسان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪريون ها پر پهرين ترجيح آهي ته سيريز 3-0 تان کٽي. بين اسٽوڪس چيو ته جيمز اينڊرسن کي آرام ڏنو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ريحان احمد ٽيسٽ ڊيبيو ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ کي ٻه صفر جي فيصلي واري برتري حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو