ڪراچي: ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 2 ماڻهو فوت

ڪراچي: ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 2 ماڻهو فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ لياقت آباد نمبر 10 ويجهو ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، پوليس موجب حادثي کان پوءِ مشتعل شهرين ٽرڪ کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي،ٻئي طرف، ملير جي ماڊل ڪالوني ويجهو ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.واقعي کان پوءِ، واقعي واري هنڌ تي موجود شهري ٽرڪ تي پٿراءُ ڪيو ۽ ان جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو