ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ بابت ڪراچي يونيورسٽي جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري منسوخ ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر عمران صديقي عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي سڀاڻي نوٽيس مليو، اسان کي جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇيو ته توهان کي جواب ڏيڻ لاءِ ڪيترو وقت گهرجي؟ اسان توهان کي وقت ڏئي رهيا آهيون، پر جيڪڏهن هن وقت دوران درخواست ڏيندڙ خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي ته ڇا ٿيندو؟، ان موقعي تي بئريسٽر صلاح الدين چيو ته ڌرين کي جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، پر ان وقت تائين حڪم معطل ڪيو وڃي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته جيڪڏهن حڪم بعد ۾ واپس ڪيو ويو ته درخواست ڏيندڙ کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟ ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ هتي هڪ شخص جي زندگي ڀر جي ڪمائي داؤ تي لڳل آهي، ڇا متاثر ڌر کي ڊگري جي معاملي تي نوٽيس ڏنو ويو هو؟، رجسٽرار چيو ته منهنجي پوسٽنگ نئين آهي، مون کي ان جي خبر ناهي، جنهن تي جسٽس اقبال چيو ته جيڪڏهن توهان عدالت ۾ آيا آهيو ته پوءِ توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، ممڪن آهي ته ذاتي مفاد جي ڪري درخواست ڏيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وئي هجي، جيڪڏهن ڪو 30، 35 سالن کان پوءِ درخواست داخل ڪري ٿو ته متاثر شخص کي نه سڏيو وڃي، ڌرين کي ٻڌڻ کان سواءِ عدالتي فيصلي جي به ڪا اهميت ناهي، هڪ طرفي فيصلي کي سٺو فيصلو نه سمجهيو ويندو آهي. بعد ۾ عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري منسوخ ڪرڻ جي فيصلي کي معطل ڪندي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










