ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي استادن پگهارن، هائوس سيلنگ، پينشن ۽ ٻين واجبات جي عدم ادائيگي خلاف ڪلاسن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.استادن جو چوڻ آهي ته مطالبن جي منظوري تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ان سلسلي ۾ اڄ شام 4 وڳي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهر احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. مظاهري ۾ جامعه جا استاد پگهارن ۽ مالي واجبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ استادن خلاف مبينا انتقامي ڪاررواين ۽ جبري برطرفين خلاف به آواز بلند ڪندا. استادن مطالبو ڪيو آهي ته سندن سمورا جائز مطالبا فوري طور تي تسليم ڪيا وڃن ۽ جامعه ۾ استادن سان ٿيندڙ مبينا زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي.










