ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.سرڪاري بجلي ڪمپنين جي صارفين لاءِ بجلي 2 رپيا 5 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي 1 رپيا 49 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) ۽ ڪي اليڪٽرڪ مئي جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ لاءِ الڳ الڳ درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن.نيپرا اٿارٽي 5 جولاءِ تي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي. سي پي پي اي موجب مئي ۾ 11 ارب 95 ڪروڙ 43 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، 26.96 سيڪڙو پاڻي ۽ 16.78 سيڪڙو ڪوئلي مان پيدا ڪئي وئي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جو چوڻ آهي ته 1.96 سيڪڙو بجلي فرنس آئل مان، 10.35 سيڪڙو ملڪي گيس مان، 24.33 سيڪڙو درآمد ٿيل ايل اين جي مان ۽ 12.56 سيڪڙو ايٽمي فيول مان پيدا ڪئي وئي.










