هڪ ئي خاندان جي 4 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق

هڪ ئي خاندان جي 4 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) قائد جي شهر جي علائقي ضياء ڪالوني ۾ هڪ ئي خاندان جي چئني ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي (HIV) جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ متاثر ٿيل ٻارن جو مجموعي تعداد 81 تائين پهچي ويو آهي. متاثر ٻارن جي پيءُ موجب، اڄ سندس 10 سالن جي پٽ ۾ به ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ 9 سالن جي ڌيءَ جي رپورٽ به مثبت آئي هئي. ان کان اڳ سندس 12 سالن ۽ 3 سالن جي پٽن ۾ به ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي چڪي هئي. پيءُ ٻڌايو ته کيس چار ٻار آهن ۽ هاڻي چارئي ايڇ آءِ وي جو شڪار ٿي چڪا آهن. هو ٻارن کي معمولي علاج لاءِ اسپتال کڻي ويو هو، پر هاڻي سندس ٻارن کي سڄي زندگي گڏ رهندڙ بيماري وڪوڙي وئي آهي. متاثر ٻارن جي پيءُ سنڌ جي وزير سعيد غني کان مطالبو ڪيو آهي ته ان معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ذميوار عناصرن جو تعين ٿي سگهي. هن حڪومت کان اها به اپيل ڪئي ته سندس ٻارن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ٻئي پاسي، ذريعن موجب ڪراچي ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 81 ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا معاملي جي جاچ ۽ متاثر ٻارن جي علاج توڙي سنڀال لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو