ميمڻ ڳوٺ مان ڇوڪري جو گوليون لڳل لاش هٿ

ميمڻ ڳوٺ مان ڇوڪري جو گوليون لڳل لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ رهائشي عمارت مان ڇوڪري جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.پوليس موجب، ميمن ڳوٺ ۾ هڪ رهائشي عمارت جي ٽئين منزل تي هڪ فليٽ مان هڪ ڇوڪري جو گوليون لڳل لاش مليو.پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ 22 سالن جي سمرين جي نالي سان ٿي آهي، جنهن مبينا طور تي پنهنجي پيءُ جي پستول سان پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي.پوليس موجب، فوت ٿيل ڇوڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي، ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو