ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير ندي ۾ ڪمرشل سرگرمين خلاف ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شرقي کي ذاتي طور تي طلب ڪيو آهي.ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ويجهو ملير ندي ۾ ڪمرشل سرگرمين خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان قيوم آباد ويجهو آچر مارڪيٽ لڳائي پئي وڃي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت ملير ندي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمرشل سرگرمين تي پابندي لڳائي هئي.جنهن تي عدالت اوڀر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي 20 مارچ تي ذاتي طور تي طلب ڪيو.










