ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ لياري جي علائقي ڪالاڪوٽ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.پوليس موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي يا ڪجهه ٻيو ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مقتول جي وارثن موجب، مقتول بيروزگار هو ۽ منشيات جو عادی هو.فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










