ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ واري درخواست نيپرا ۾ جمع

ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ واري درخواست نيپرا ۾ جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 32 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.نيپرا کي جمع ڪرايل درخواست ۾ 23-2022ع جي ٽن مختلف ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.حڪومت پاران نيپرا کي جمع ڪرايل درخواست ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ 47 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2022ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ 4 رپيا 45 پئسا في يونٽ وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو