احتجاج جو خدشو، ڪراچي جا اهم رستا بند، شهري پريشان

احتجاج جو خدشو، ڪراچي جا اهم رستا بند، شهري پريشان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي قتل کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي شهر جا ڪيترائي رستا ڪنٽينرن سان بند ڪيا ويا آهن. پي آءِ ڊي سي چوڪ کان ايم ٽي خان روڊ ڏانهن ويندڙ پل کي ڪنٽينرن سان بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم ٽي خان روڊ تي سلطان آباد ۾ روڊ کي به ڪنٽينرن سان بند ڪيو ويو آهي.بوٽ بيسن کان مائي ڪولاچي بائي پاس تائين روڊ کي به ڪنٽينرن سان بند ڪيو ويو آهي. ٽريفڪ پوليس موجب، ايم ٽي خان روڊ کان پي آءِ ڊي سي روڊ ۽ مائي ڪولاچي روڊ ريلوي گيٽ تائين بند ڪيو ويو آهي.ان دوران شارع فيصل تي ايف ٽي سي کان جناح اسپتال تائين جو ٽريڪ ٽريفڪ لاءِ بند آهي.ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته شارع فيصل کي ايف ٽي سي جي ويجهو عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف ٽي سي کان ميٽروپول تائين روڊ کي رڪاوٽون لڳائي بلاڪ ڪيو ويو آهي.ايف ٽي سي کان ايندڙ ٽريفڪ کي گورا قبرستان کان موڙي صدر موڪليو پيو وڃي. ڪيترائي رستا بند ٿيڻ سبب آفيسن ڏانهن ويندڙ شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ روڊن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو