ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون سيڪٽر 9 ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو.پوليس موجب، مقتول جي سڃاڻپ 25 سالن جي معظم جي نالي سان ٿي آهي. معظم فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿيو ۽ بعد ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي ويو.واقعي کان پوءِ، دولہا جي پيءُ ۽ ڀاءُ کي حراست ۾ ورتو ويو. فائرنگ ۾ ملوث مکيه جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا ۽ ڳولا جاري آهي.پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ جاري آهي، ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










