ڪراچي سٽي ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي جا ميمبرز آمهون سامهون ٿي ويا آهن، هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي آهي،ميئر مرتضيٰ وهاب پنهنجي چيئر تي اچي ويٺو ته جماعت اسلامي جي ميمبرز قبضو ڪندڙ ميئر نامنظور جا نعرا هنيا،جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مرتضيٰ وهاب کي مينڊيٽ تي قبضو ڪرڻ بعد ڪرسي تي ويهڻ تي شرم اچڻ گهرجي،مرتضيٰ وهاب چيو ته نعريبازي سان ڪجهه نه ٿيندو، ميڊيا ڏسي رهي آهي، اسان اجلاس هلائڻ چاهيون ٿا،هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي، ڊرينيج ۽ سيوريج سميت سمورا مسئلا حل ڪنداسين










