ڪراچي جي 32 روڊن تي پارڪنگ مفت، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي جي 32 روڊن تي پارڪنگ مفت، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪي ايم سي شهر جي 32 رستن ۽ هنڌن تي پارڪنگ مفت ڪري ڇڏي. بلديه عظميٰ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، پارڪنگ جون سهولتون ضلع ڏکڻ جي 3، ضلع ڪياماڙي جي 2، ضلع سينٽرل جي 5، ملير ۽ ڪورنگي جي 7، ۽ ضلع اوڀر جي 15 هنڌن تي بلڪل مفت هونديون. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيلاني سينٽر، موبائيل مارڪيٽ صدر ۾ پارڪنگ مفت هوندي. ان کان علاوه، ناز پلازا کان آمنه ٽاور ايم.اي. جناح روڊ، ڪوثر ميڊيڪو کان ايم ڊبليو ٽاور ايم.اي. جناح روڊ، ۽ شارجا مال کان ڪوههِ نور هال حب ريور روڊ تي به پارڪنگ مفت فراهم ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن مطابق، ڪي پي ٽي گيٽ نمبر 1 کان شيل پمپ ايم.اي. جناح روڊ تائين، ضلع مرڪزي ۾ هارون شاپنگ مال، سرينا مارڪيٽ، لياقت آباد سپر مارڪيٽ کان لياقت آباد نمبر 10 ايس ايم توفيق روڊ تائين، چيئز سپر اسٽور شاهراه پاڪستان، سينٽرم شاپنگ مال راشد منهاس روڊ، ۽ ڪفايه ۽ اوميگا مال نارتھ ڪراچي تي به پارڪنگ مفت هوندي.ان کان علاوه، ضلع ڏکڻ، مرڪزي ۽ اوڀر جي 11 وال بائونڊري پارڪنگ سائيٽن تي مقرر ڪيل فيس لاڳو رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو