ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦُرڦُر (بوندا باندي) سان موسم خوشگوار ٿي وئي.ڪراچي جي علائقن گلستان جوهر، گلشن اقبال، راشد منهاس روڊ، نارتھ ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ دير رات جو ڦُرڦُر ٿي.ٻئي طرف، لاهور جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا (انڌاري) کانپوءِ برسات جي ڪري اڏامن (پروازن) جي اچڻ ۽ وڃڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.هوڏانهن پتوڪي ۽ فيصل آباد ۾ برسات جي ڪري مڪان جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان کان علاوه پنجاب جي ڪيترن ئي ٻين شهرن ۾ به برسات پوڻ سان گرمي جو زور ٽٽي پيو.










