لاهور جي ڪراچي کي 6 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) لاهور قلندر ۽ ڪراچي ڪنگز ۾ ٿيل ميچ ۾ لاهور قلندرز برتري ثابت ڪندي 6 وڪيٽن تان ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي. فخرالزمان، بين ڊنڪ ۽ ڊيوڊ ويزي جي شاندار بيٽنگ سبب ڪراچي کي شڪست ملي. فخرالزمان 54 بالن تي 83 رنز ٺاهيون جنهن ۾ 8 چوڪا ۽ 4 چڪا شامل هئا. ڊيوڊ ويزي 9 بالن تي 31 رنز ناٽ آئوٽ ڄاهي ميچ کٽرائي. بين ڊنڪ به ففٽي ڪئي. لاهور ٽاس کٽي ڪراچي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. سڄو ڏينهن ميڊيا تي خبرون هلنديون رهيون ته هي وڏو ميچ آهي 7 برابر جو ٽڪر آهي.

ڪراچي پاران شرجيل خان ۽ محمد نبي ڦڦٽيون اسڪور ڪيون ۽ 9 وڪيٽن تي 186 رنز ٺاهيون. شاهين آفريدي 3 وڪيٽون ورتيون. جوابي بيٽنگ ڪندي لاهور پاران اوپننگ فخر الزمان ۽ ڪپتان سهيل اختر ڪئي. عامر پهريون اوور ڪرايو. فخرکي ٽن بالن تي بيٽ ڪيو ته هو چوٿين بال تي هن غير ضروري سنگل ورتي ۽ ڪپتان سهيل کي عماد وسيم جي سڌي ثرو تي رن آئوٽ ڪرايو. جنهن بعد جو ڊينلي آيو ته اڳئين بال تي ڊينلي کي بولڊ ڪري بريڪ ٿرو ڪيو ۽ پهريون اوور ميڊن ڪرايو. جنهن بعد محمد حفيظ آيو، ٻيو اوور محمد الياس ڪراييو، هن ٽي بال مس ڪرايا حفيظ سنگل وٺي فخر کي وارو ڏنو جنهن ڇڪو هنيس ۽ بال ڇت تي هليو ويو.

عامر جي ٻئي اوور ۾ 7 رنز ٺهيون 15 تي ٽن اوورز ۾ لاهور جا 2 آئوٽ هئا. چوٿون اوور الياس ڪرايو هڪ ڇڪو ۽ 2 چوڪا لڳس ۽ 17 رنز ڏنائين. پنجون اوور وقاص مقصود ڪرايو، ٻئي بال تي حفيظ کي بابر هٿان ڪيچ ڪرايو. هو 9 بالن تي 15 رنز ٺاهي ويو هو. ڏهون اوور ڪرسٽين ڪرايو جنهن ۾ هڪ ڇڪو ۽ چپڪو کاڌو ۽ 10 اوورز ۾ لاهور جو اسڪور ٽين وڪيٽن تي 77 رنز رهيو. يارهون اوور محمد نبي ڪرايو ۽ هڪ ڇڪو لڳس لاهور جو اسڪور 85 تي 3 آئوٽ رهيو. 11.4 اوورز ۾ فّر ففٽي ٺاهي، تيرهين اوور ۾ بين ڊنڪ محمد نبي جي آخري اوور ۾ چوڪو هڻي ٽين جو اسڪور 100 ڪيو ۽ بعد ۾ کيس فخر به 2 بيڪ ٽو بيڪ چوڪا هنيا. پندرهون اوور ارشد ڪرايو ۽ لاهور جو اسڪور 136 رهيو ٽن رانديگرن جي آئوت ٿيڻ تي. 16 اوورز ۾ 144 تي لاهور جا 3 آئوٽ هائ، سترهون اوور عامر ڪرايو، فخر 83 رنز ٺاهي ڪرسٽين جي بال تي بابر هٿان ڪيخ ٿيو، ويزي آيو، هن شاٽ هڻي گهنٽي وڃائي، پر ڪرسٽين آخر ۾ ڪور ڪيو، 19هون اوور عامر ڪرايو پر چوڪو لڳس.، عامر کي ٽي چوڪا ۽ هڪ ڇڪو هنيو آخري اوور ۾ ڪافي رنز ڏنائين، آخري اوور 6 بالن تي 10 رنز گهربل هيون، ڪرسٽين جي پهرين بال تي ڇڪو لڳو، بعد ۾ لاهور ميط کتي وئي، ڪرستِن اکين سان مٿي اشارو ڪيو ۽ آخري بال تي ڪم پورو ڪرايائيڻ. جواري هي ميخ به کٽي وڳا.

جنهن بعد بين ڊنڪ آيو. لاهور وارن ٽن وڪيٽن 5 اوور ۾ 39 اسڪور ڪيو. پاور پلي جي 6 اوورز ۾ 46 تي 3 آئوٽ هئا. ڪراچي جا 6 اوورز ۾ 53 تي 3 آئوٽ هئا. ستون اوور محمد نبي ڪرايو ۽ هن پنهنجي پهرين اوور ۾ 3 رنز ڏنيون. اٺين اوور ۾ ارشد اقبال کي فخر ڇڪو هنيو ۽ بال وري ڇت تي هليو ويو، نائون اوور محمد نبي ڪرايو رنز ڪنٽرول ڪيون. فخر اونچو شاٽ کيڏيو پر جو ڪرسچن ڪيچ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ بال روڪيو.

ان کان اڳ ڪراچي جي بيٽنگ دوران شاهين آفريدي کي شرجيل ٻه چوڪا هنيا ۽ پهرين اوور ۾ 9 رنز ورتيون. شاهين جي بدقسمتي جو قلندر جي ڪپتان هٿ ۾ آيل شرجيل جو ڪيچ ڇڏي ڏنو. جنهن بعد ٻيو اوور حفيظ ڪرايو.

شاهين ٻيو اوور ڪرايو ته سلپ ۾ فخر بابر اعظم جو ڪيچ ڇڏي ڏنو. جنهن بعد ڪاوڙ ۾ آفريدي وائيڊ بال ڪرايو  ۽ ڪراچي کي مفت ۾ 5 رنز مليا. ليڪن اڳلي بال تي بابر اعظم کي بولڊ ڪري بريڪ ٿرو ڪيو. گذريل ميچ ۾ 90 اسڪور ڪندڙ بابر اعظم ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيو. جنهن بعد جو ڪلارڪ آيو. هن پوئين ميچ ۾ 26 بالن تي 54 رنز ٺاهيون هيون. چوٿون اوور رئوف ڪرايو 5 رنز ڏنائين 4 ڊاٽ بال ڪرايائين آخري بال تي کيس چوڪو لڳو. پنجين اوور ۾ دانيال کي شرجيل بيڪ ٽو بيڪ ٻه ڇڪا هنيا پر ساڳئي اوور ۾ جو ڪلارڪ 4 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.

ڪولن انگرام آيو پر پهرين بال تي بولڊ ٿي ويو. ڇهون اوور حفيظ ڪرايو شرجيل 2 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيس. جنهن بعد محمد نبي آيو. شرجيل ڏهين اوور ۾ ففٽي ڪئي ۽ ڪراچي 10 اوورز ۾ 86 رنز ٽي رانديگر آئوٽ هئا. محمد نبي ٻه اوور سلو کيڏيا يعني 12 بالن تي 12 رنز ڪيا پر بعد ۾ سمت پٽيل کي لڳاتار هڪ چوڪو ۽ 2 ڇڪا هنيا، بال ڇت تي هليو ويو. سمت پٽيل کي آخري بال تي شرجيل چوڪو هنيو ۽ 21 رنز ڏنائين.

سمت کي 21 رنز پيا جنهن بعد لاهور مشوري لاءِ ٽائم آئوٽ ورتو. دانيال ٻارهون اوور بهتر ڪرايو صرف 6 رنز ڏنائين. تيرهون اوور ويزي ڪرايو ۽ پهرين بال تي شرجيل کي 68 جي اسڪور تي بائونڊري تي ڪيچ ڪرايو. هن 5 چوڪا ۽ 6 ڇڪا هنيا. ڊينئل ڪرسچن آيو. پندرهين اوور ۾ محمد نبي ففٽي ڪئي ۽ ويزي جي اوور ۾ 16 رنز ورتيون. ڪراچي جو اسڪور149 تي 4 آئوٽ هئا. سورهين اوور ۾ حارث رئوف کي 2 چوڪا حني محمد نبي 34 بالن تي 57 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. عماد وسيم سمت پٽيل جي ٻئي اوور جي پهرين بال تي وڏي شاٽ کيڏيو ۽ بائونڊري تي ڪيچ ٿي ويو. وقاض مقصود پهرين بال تي ريورس شاٽ هڻي فور حاصل ڪيو، اسڪور 168 تي 6 آئوٽ هئا 17 اوورز ۾. شاهين آفريدي 18 هون اوور ڪرايو پهرين بال تي وقاص مقصود 2 رنز حاصل ڪيون، جنهن بعد بائونسر هنيو ۽ ٽئين بال تي رويو ورتو جيڪو ضايع ٿي ويو. هو 2 بال ضايع ڪري سنگل وڄي ويو ته اڳلي بال تي ڪرسچن کيس چوڪو هنيو، ان بعد کيس وقاص مقصود کيس رن آئوٽ ڪرايو. ان بعد الياس آيو، سيڪنڊ لاسٽ اوور حارث رئوف ڪرايو مقصود چوڪو هنيس 7 رنز ڏنائين. آخري اوور شاهين شاه آفريدي ڪرايو، الياس سنگل ورتي، ٻيو بال مس ڪرايو ۽ ٽئين بال تي مقصود کي بولڊ ڪيو، ان بعد محمد عامر کي هڪ بال مس ڪرائي انسائيڊ ايج ڪري بولڊ ڪيو، آخري بال به مس ڪرايو ۽ ڪراچي 9 وڪيٽن تي 186 رنز ٺاهيون. شاهين آفريدي 14 ڊات بال ڪرائي 27 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو