ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ٽن وڏين اسپتالن جو مسئلو حل ٿي ويو وفاقي حڪومت اسپتالن کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي تفصيل موجب سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪتر عذرا پيچوهو جي ڪوششن سان جناح اسپتال، دل جي مرضن وارو قومي ادارو، اين آئي سي وي ڊي ۽ ٻارڙن جي مرضن وارو ادارو (اين آئي سي ايڇ) جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن مطابق جناح اسپتال، اين آئي سي وي ڊي ۽ اين آئي سي ايڇ سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندا پي ٽي آئي دور جو تشڪيل بورڊ به ختم ڪيو ويو اسپتال عملو ۽ فنانشل معاملا هاڻي سنڌ حڪومت ڏسندي.










