ڪراچي تي قبضو يا ڌارڪرڻ نه ڏينداسين، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون،بلاول

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارٽي وفاق کي ڪراچي تي قبضو ڪرن نه ڏيندي، ڪٺ پتلي حڪومت جي اها طل آهي ته سنڌ جي قيادت کي جيل موڪلي هو ڪراچي تي قبضو ڪري ويندا. اهڙو اظهار هن سنڌ ۾ رابطا عوامي مهم موهن جو دڙو مان شروع ڪندي عوامي ميڙ کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي پي ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ڇا آهن؟. مان ملڪ ۽ لاڙڪاڻي جي عوام جو ڪيس وڙهي رهيو آهيان ۽ سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي حڪومت جومقابلو ڪري رهيو آهيان جنهن غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجود حڪومت ملڪ جي غريب عوام جو معاشي قتل ڪيو ۽ کين مهانگائي جي سونامي ۾ ٻوڙي ڇڏيو. سفيد پوش طبقي ۽ ننڍن واپارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن به ڪٺ پتلي حڪومت ايندي آهي ته اها عوام کي اهنجن ۾ اصافو ڪندي آهي، ڇو ته اها هميشه سليڪٽرز کي خوش ڪرڻ م مصروف هوندي آهي. هن چيو ته عمران خان عام چونڊن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏين جو واعدو ڪيو پر سندس حڪومت هڪ سال ۾ لکرن ماڻهن کي بي روزگاهر ڪيو. 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪندڙ حڪومت غريبن جا حد دخلين جي اووٽ ۾ گهر ڊاهي ڇڏيا. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ جو ڪوهه نور آهي موجوده ڪٺ پتلي حڪومت ان جا سهولت ڪار ۽ اتحآدي ان تي قبضو ڪرن چاهن ٿا ۽ سڌ کان ڌار ڪرڻ چاهن ٿا پر اسان وفاق کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ يا سنڌ کان ڌار ڪرڻ نه ڏينداسين. هن ان موقعي تي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا به هنيا.

پهنجو تبصرو موڪليو