ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ڪونسل 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي انهي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.رپورٽ موجب ڪراچي بار ڪونسل سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم جي خلاف وڪيل فيصل صديقي جي ذريعي درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چئني صوبن وفاقي، اليڪشن ڪميشن، اسپيڪر اسيمبلي چيئرمين سينيٽ کي ڌر بنايو ويو آهي.ڪراچي بار ڪونسل سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم جي خلاف وڪيل فيصل صديقي جي ذريعي درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چئني صوبن وفاقي، اليڪشن ڪميشن، اسپيڪر اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ کي ڌر بنايو ويو آهي.ڪراچي بار طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو. انهي جي تحت ٺاهيل آئيني بينچز ۽ انهن جي فيصلن کي به ختم ڪيو وڃي، 26هين آئيني ترميم عدليه جي آزادي جي بنيادي اصولن جي خلاف آهي. ڪراچي بار وڌيڪ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم بنيادي حقن جي خلاف آهي.










