ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شاهه لطيف ۽ ملير ندي بند ويجهو هڪ اونهو کوهه هٿ ٿيو آهي، جنهن بابت پوليس ٻڌايو ته هي کوهه تيل يا گئس چوري لاءِ ٺاهيو ويو هو، پوليس موجب کوهه جي ڀرپاسي گئس سلينڊر ۽ ڪنيڪشن لڳائڻ جا اوزار به مليا آهن، جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته هتي غير قانوني سرگرميون ٿي رهيون هيون، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته کوهه ۾ هڪ شخص جو لاش به موجود هجڻ جا اطلاع مليا هئا، ان کانسواءِ ڀر پاسي ۾ گئس جي بوءِ به ڦهلجي وئي هئي، جنهن سان علائقي ۾ خطري جي صوتحال پيدا ٿي وئي هئي، رضاڪارن کوهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر گئس هجڻ جي ڪري کين ڏکيائون پيش آيو، پارڪو ۽ سوئي گئس جا اهلڪار به موجود آهن، پارڪو آفيسرن مطابق کوهه واري هنڌ کان لائن ڪافي پري آهي، ان لاءِ ان کي واقعي سان ڪو تعلق ناهي، پوليس موجب پلاٽ کان ٻاهر به گاڏيون ۽ هڪ موٽر سائيڪل به هٿ آئي آهي، جيڪو ان ڳالهه جو اشارو آهي، هي غير قنانوني ڪم ڪندڙ ماڻهن جو ٽولو ٿي سگهي ٿو، پوليس اهو به ٻڌايوته کوهه ۾ لهڻ ۽ چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺاهيون ويون هيون ۽ کوهه مان موجود لاش ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ساٿين ترت 15 تي ڪال ڪئي ۽ ماڻهو فرار ٿي ويا، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورن لاڳاپل ادارن کا تعاون وٺي رهي آهي.










