ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ گرمي جو پد (درجه حرارت) 46 کان 47 ڊگري تائين محسوس ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اڄ درجه حرارت 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.شهر ۾ گذريل ڏينهن وڌ ۾ وڌ درجه حرارت 36 ڏهائي 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.شھرِ قائد ۾ اڄ ڏکڻ-مغرب کان 25 ڪيلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جن ۾ گهم (نمي) جو تناسب 63 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته اڄ شهر ۾ برسات جو ڪو به امڪان ناهي.










