ايران جي حق ۾ احتجاج، گلگت ۾ 7 ۽ ڪراچي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا

ايران جي حق ۾ احتجاج، گلگت ۾ 7 ۽ ڪراچي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي، اسلام آباد (نمائندن وٽان)اي ايف پي موجب گلگت ۾ ايران نواز احتجاج دوران 7 ڄڻا مارجي ويا آهن، ڪراچي ۾ احتجاج دوران 9 ڄڻا ۽ اسلام اباد ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. ايران جي سپريم ليڊر جي موت جي خبر ٻڌڻ بعد اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني، ڪراچي، لاهور۽ پشاور جي قونصل خانن لڳ احتجاج ٿيا آهن. مڇريل ماڻهن کي اسلام آباد ۾ سيرينا چوڪ وٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس احتجاج ڪندڙن مٿان ڳوڙها گيس جي شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. درجنين ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. ڪراچي  ۾ مظاهرين آمريڪي قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه مڇريل نوجوان قونصل خان جي حدن ۾ داخل ٿي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن دوران جهڙپن ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا. پوليس موجب، مظاهرين آمريڪي قونصل خاني تي پٿراءُ ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پوليس ۽ رينجرز آنسو گيس جا شيل استعمال ڪيا ۽ مظاهرين کي پوئتي ڌڪيو. ريسڪيو اختيارين موجب، آمريڪي قونصل خاني جي ويجهو جهڙپن ۾ هاڻي تائين 9 ماڻهو مارجي ويا آهن. سول اسپتال اختيارين موجب، 9 لاش ٽراما سينٽر ۾ آندا ويا آهن، جڏهن ته 24 زخمين کي پڻ اسپتال آندو ويو آهي. اهي ماڻهو فائرنگ، لاٺي چارج ۽ ڌڪن ۾ زخمي ٿيا آهن.ان کان علاوه، ٽرئفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته احتجاج جي ڪري، سلطان آباد کان مائي ڪولاچي ڏانهن ويندڙ روڊ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آس پاس جي علائقن ۾ ٽرئفڪ جي آمدورفت معطل آهي.ساڳئي طرح، بوٽ بيسن کان ايندڙ گاڏين کي مائي ڪولاچي گيٽ کان يو ٽرن وٺڻ لاءِ چيو پيو وڃي، جڏهن ته پي آءِ ڊي سي کان ايندڙ ٽرئفڪ کي پارڪ واري ڪٽ کان واپس موڪليو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لاهور ۾ به ڪجهه مظاهرين قونصل خاني تي گڏ ٿيا هئا، اسين صورتحال کي مانيٽر ڪريون پيا. سفارتخاني پنهنجي شهرين کي چيو آهي ته هو پاڻ کي محفوظ هنڌ تي رکن آس پاس جي ماحول تي نظر رکي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو