اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي ترقيات ۽ سڌارا ڪميشن جي وائيس چيئرمين ۽ ڪميشن جي سي پي سي ليڊرشپ گروپ جي ميمبر چائوڇن شن چيو آهي ته چين مقامي معيشت کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ نئون طور طريقو بڻائي رهيو آهي جنهن جي ذريعي مقامي ۽ بين الاقوام،ي معاشي چڪر هڪ ٻئي تي فروغ ڏيندو گوادر پرو مطابق چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي جاري 20هين قومي ڪانگريس جي موقعي تي چائو هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته چين جي ٻٽي ترقي واري متحرڪ عمل کي تيز ڪرڻ جي اهم اسٽريٽجڪ فيصلي جو مطلب اهو نه آهي ته هو عالمگيريت کان پٺتي هٽڻ چاهي ٿو ۽ ڪجهه سمجهڻ ته چين خودڪفيل معيشت بڻجن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، غلط تشريح آهي چين ڪيئن لوهه، ڪچي تيل، قدرتي گئس ۽ سويابين سميت پرڏيهي امپورٽ تي گهٽ ڀاڙيندو ۽ وڌيڪ خودڪفيل معيشت بڻجندو جي سوال تي چائو چيو ته چين ملڪي ۽ پرڏيهي منڊين ۽ وسيلن جو بهتر استعمال ڪيو آهي. جيئن 1970 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ سڌارا شروع ڪيا هئا گوادر پرو مطابق چين بين الاقوامي تعاون ۾ حصو وٺڻ لاءِ نوان فائدا حاصل ڪيا آهن ۽ مارڪيٽ جي معيشت جي تعمير ۽ جامع قومي طاقت جي بهتري لاءِ ساگار حالتون پيدا ڪيون آهن چائو وڌيڪ چيو ته چين پهريان ئي ڪافي ٻين ملڪن تي تمام گهت ڀاڙي ٿو ۽ گهريلو ۽ بيروني گهرج هڪ ٻئي تي منحصر آهي.










