ڪامورن، ججن ۽ سياستدانن جي مفت بجلي بند ڪرڻ جي تجويز

ڪامورن، ججن ۽ سياستدانن جي مفت بجلي بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) توانائي واري وزارت انڊيپنڊنٽ پاور پروڊيوسرز ( آ پي پيز ) خلاف ملڪ گير آگاهي مهم کانپوءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب، پهرئين مرحلي ۾ سمورين سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن ۾ مفت بجلي جي سهولت ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ڪامورن، ججن ۽ سياستدانن سميت سڀني جي مفت بجلي بند ڪرڻ جي به تجويز آهي.انرجي ڊويزن جي ذريعن موجب، ٻئي مرحلي ۾ مفت پيٽرول جي سهولت به واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ هن وقت شديد مالي دٻاءُ ۽ پرڏيهي قرض جي ٻوجهه هيٺ دٻيل آهي، انقلابي قدمن ذريعي ئي مستقل ڏيوالي کان بچي سگهجي ٿو.انرجي ڊويزن جي ذريعن موجب، رڳو انڊسٽري ۽ ڪاروبار کي جائز سهولتون ڏنيون وينديون جڏهن ته فيڪٽرين ۾ ايم ڊي آءِ چارجز گهٽائڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي.ان کانسواءِ نيپرا ۽ اوگرا جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته اڳوڻي نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز آءِ پي پيز معاهدن بابت ڊيٽا منظرعام تي آڻڻ ۽ صنعتڪارن آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو