ڪاليجن جي زمينن تي قبضا يا حددخيليون هرگز برداشت نه ٿينديون

ڪاليجن جي زمينن تي قبضا يا حددخيليون هرگز برداشت نه ٿينديون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ مالي سال 2021 کان 2025 تائين جي پروڪيورمينٽ اسڪيمن جي اڳڀرائي بابت هڪ اهم جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز زاهد راڄپر، اسپيشل سيڪريٽري فرخ شهزاد قريشي، ايڊيشنل سيڪريٽري مختيار ملاح، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سجاد ابڙو، چيف انجنيئر سليم شيخ، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن پنهنجي ماتحت ڪاليجن ۾ پروڪيورمينٽ جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪجهه ڪاليجن ۾ سامان جي عدم فراهمي جي نشاندهي تي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن نديم ميمڻ سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٺيڪيدار سامان فراهم نه ڪيو آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن کي به اهو اختيار حاصل ناهي ته هو کاتي جو سامان روڪي. جيڪڏهن ڪنهن آفيسر جي ملي ڀڳت ثابت ٿي ته ان خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سيڪريٽري نديم الرحمان ريجنل ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته سمورن ورڪ آرڊرن، آڊٽ رڪارڊ ۽ خريداري واري عمل جي جاچ مڪمل ڪري ايندڙ هفتي تائين تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته سمورا معاملا مقرر وقت، ضابطن ۽ مڪمل شفافيت سان سرانجام ڏنا وڃن. ڪنهن به سطح تي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. جن ڪاليجن يا علائقن ۾ فنڊ جاري ٿيڻ باوجود سامان فراهم نه ڪيو ويو آهي، اتي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هر اسڪيم تحت خريد ڪيل سامان جي فزيڪل تصديق ڪئي وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته سموريون شيون لاڳاپيل ادارن ۾ موجود هجن. سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ ريجنل ڊائريڪٽرن کي کاتي جي سمورين ملڪيتن، زمينن ۽ عمارتن جو مڪمل رڪارڊ تيار ڪري هڪ هفتي اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڪاليجن جي زمينن تي ڪنهن به قسم جو قبضو يا حددخيليون هرگز برداشت نه ڪيا ويندا. جيڪڏهن ڪنهن هنڌ لينڊ گريبنگ يا قبضي بابت شڪايتون موجود آهن ته آئون پاڻ ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن سان ڳالهائيندس. اجلاس دوران سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن نديم ميمڻ سمورن ڪاليجن مان اشتهاري مواد، غير ضروري بينرن ۽ بل بورڊن کي فوري طور هٽائڻ جي به هدايت جاري ڪئي ۽ چيو ته تعليمي ادارن جو ماحول صاف، منظم ۽ تعليمي سرگرمين جي تقاضائن موجب هئڻ گهرجي. شفافيت، احتساب ۽ ميرٽ کي هر سطح تي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ڀرتين لاءِ قائم ڪيل جاب پورٽل جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري نديم ميمڻ هدايت ڪئي ته جن ضلعن ۾ اسڪروٽني جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، اهي فوري طور شيڊول جاري ڪن ۽ سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ کي آگاهه ڪن ته جيئن ڀرتين جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو